192

لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 11 ڄڻا زخمي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي کوئي رٽه سيڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي مطابق ڀارتي فوج جڪجوٽ ڳوٺ تي شادي تقريب دوران مارٽر گولا ۽ راڪيٽ فائر ڪيا، ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي عورتن ۽ ٻارڙن کي نشانو بڻايو. آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج پاران ڪيل فائرنگ انساني حقن جي خلاف ورزي جو عڪس آهي ۽ اها فائرنگ 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي به خلاف ورزي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو