218

يونيسيف طرفان غريب ۽ ترقي پذير ملڪن کي ڪورونا ويڪسين مهيا ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي اداري يونيسيف غريب ملڪن کي ڪورونا ويسڪسين مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽ مطابق يونيسيف ايندڙ سال پٺتي پيل ۽ غريب ملڪن کي تقريبن 2 ارب روپين جي ڪورونا ويڪسين فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. يونيسيف جو چوڻ آهي ته عالمي اڳوانن ڪورونا ويڪسين جي شفاف ورهاست جو اظهار ڪيو آهي. جنهن تحت هڪ وڏي آپريشن ذريعي ايندڙ سال پٺتي پيل ۽ غريب ملڪن کي 2 ارب روپين جا ڪورونا ويڪسين  ڊوز فراهم ڪيا ويندا. يونيسيف مطابق ادارو ويڪسن ۽ هڪ ارب سرنجن جي فراهمي جي لاءِ 350 هوائي ڪمپنين ۽ فريٽ ٽيمن سان ڪم ڪري رهيا آهن، ?

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو