316

وفاقي حڪومت طرفان 26 نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان، 11 جنوري تائين صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعليمي ادارا ٻيهر کولبا: شفقت محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿيندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته سمورا تعليمي ادارا جن ۾ اسڪول، يونيورسٽيون، ٽيوشن سينٽرز شامل آهن، 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون رهنديون. هن چيو ته تعليمي ادارا 11 جنوري کان ٻيهر پنهنجي تعليمي سرگرمين جي شروعات ڪندا. جڏهن ته ان کان پهرين جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ جائزه اجلاس پڻ ٿيندو. جنهن ۾ ان وقت جي صورتحال تي ويچاريو ويندو. شفقت محمود چيو ته ڊسمبر ۾ جيڪي به امتحان رٿيل هئا، اهي ملتوي ڪيا ويا آهن پر انٽري ٽيسٽون ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت  هوندي. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ ترت آن لائين تعليمي سرگرمين جي شروعات ڪئي ويندي. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. جن ۾ اهي شاگرد جيڪي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکن ٿا، جتي انٽرنيٽ جون سهولتون ميسر ناهن ۽ غير ملڪي شاگرد شامل هوندا. هاسٽلز ۾ رهڻ جي اجازت جي باري ۾ يونيورسٽيز پاڻ فيصلا ڪنديون. هن چيو ته پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ جيڪي شاگرد پنهنجي پراجيڪٽ لاءِ ليب ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي پڻ يونيورسٽي اچڻ جي اجازت هوندي. مختلف هنرن ۾ تعليم ڏيندڙ ادارا جتي شاگردن کي فيڪٽرين ۽ ورڪشاپس ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، به پنهنجون تعليمي سرگرميون جاري رکندا. اسڪولن ۾ استادن کي اچڻ جي اجازت هوندي ۽ ان باري ۾ اسڪول پاڻ فيصلا ڪندا ته کين ڪيترن استادن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته تعليمي بورڊس جا امتحان مارچ ۽ اپريل بدران مئي ۽ جون ۾ ڪرائڻ جي پڻ تجويز آهي، جڏهن ته تعليمي نقصان پورو ڪرڻ جي لاءِ گرمين جون موڪلون رد ڪرڻ ۽ نئون تعليمي سال آگسٽ تائين کڻي وڃڻ جي به تجويز آهي. هن چيو ته جتي آن لائين نظام آهي اهي آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رکندا، جتي آن لائين نظام ناهي اتي استاد هوم ورڪ ڏيندا، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون. هن چيو ته ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سمورن امتحانن کي 15 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال تيزي سان بگڙي رهي آهي ۽ ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 7 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هي انتهائي اهم موقعو آهي ته ان باري ۾ فوري ڪو فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن بيماري جي ڦهلاءُ کي روڪيو وڃي. ان کان اڳ اجلاس ۾ سمورن صوبن جي تعليم وارن وزيرن آن لائين شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن صوبن ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ تعليمي سرگرمين کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ۽ تجويزون ڏنيون. ان موقعي تي صحت واري وزارت طرفان ڪورونا صورتحال بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو