327

ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ۽ ٻين اهم شخصيتن جي نواب وساڻ سان تعزيت

خيرپور (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) وڏي وزير جي خاص معاون نواب علي وساڻ ۽ فدا حسين وساڻ سان ڀاڻج بلاول وساڻ جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، صوبائي وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير فراز ڏيرو، ايم پي اي شهريار خان شر، ناليواري صنعتڪار شهزاد خان جتوئي، سردار حاجي خان مهر، سعيد مهيسر سيڪريٽري، ايس ايس پي سکر عرفان سمون، جيل سپرنٽينڊنٽ اسلم ملڪ، سنڌ جي مشهور فنڪار احمد مغل، ڊاڪٽر نواب مهيسر، مختيارڪار نظير مهر، سيد شائق علي شاهه، سيد دلشاد شاهه پير آف راڻي پور، مسرور راڄپر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سنڌ پي وائي او، سيد وسيم حيدر شاهه اڳواڻ شيعا رابطا ڪائونسل، سيد محمد رضا شاهه، سيد صغير اعجاز شاهه، رجسٽرار امتياز سولنگي، زاهد ڏهوٽ، پ پ اڳواڻ عتيق الرحمان ڦلپوٽو، پ پ ليڊيز ونگ سٽي جي نائب صدر شازيا پٺاڻ، ذوالفقار علي سهاڳ پي ٽي سي ايل، عبدالوحيد ڀٽي، اسلم چاچڙ ۽ ٻين وساڻ هائوس پهچي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو