ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) بلوچستان ۾ درگاهه حضرت چيزل شاهه رح جي لانڍي کي مسمار ڪرڻ ۽ ٻن فقيرن کي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف ڄامشوري ۾ صوفي فقيرن پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. صوفي فقيرن شمن بليدي، ديدار علي بليدي ۽ غلام اسحاق مغيري جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي سي اين جي پمپ کان ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ درگاهه حضرت چيزل شاهه رح جي لانڍي کي مسمار ڪرڻ ۽ ٻن فقيرن کي اغوا ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
