208

حيدرآباد جي 17 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، ڪمشنر پاران رهواسين کي سهڪار جي اپيل

حيدرآباد  (بيورو رپورٽ)ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ حيدرآباد  جي 17 علائقن ۾سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمپشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو حيدرآباد ۾ڪورونا وائس جي مثبت ايندڙ ڪيسن ۾ مسلسل واڌ سبب شهر جي 6 يونين ڪائونسلن جي 17 علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن تي عمل ڪندڙ اڄ کان لاڳاپيل علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي،  نوٽيفڪيشن مطابق اڄ صبح 9 وڳي کان 13 ڏينهن لاءِ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون 5 ڊسمبر تائين جاري رهندو. نوٽيفڪيشن مطابق تعلقي سٽي جي علائقن بلديا ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني، جڏهن ته لطيف آباد جي علائقن دامن ڪوهسار، يونٽ نمبر 6، ايئر پورٽ روڊ ۽ قاسم آباد تعلقي ۾ نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، واڌو واهه روڊ، ڀٽائي ٽائون، گلستان سجاد ۽ ٻين علائقا شامل آهن جن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مٿي ذڪر ڪيل سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ کين گهرن مان غير ضروري طور تي ٻاهر نه نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جو چيو آهي ۽ وڌيڪ چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز تي عمل ڪندي ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. جڏهن ته پوليس طرفان پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، سمارٽ لاڪ ڊائون ڊوران ضروري خدمتون سرانجام ڏيندڙ اسپتالون ۽ ميڊيڪل اسٽور پابندي کان آجا هوندا. �5

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو