304

علي ظفر ۽ عروج فاطمه گڏجي سنڌي گيت ” الي منهنجا ماروئڙا“ تيار ڪري ورتو، پرومو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول ترين بلوچي گيت ليلا او ليلا  جي ڪاميابي کانپوءِ علي ظفر 13 ورهين جي عروج فاطمه سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي گيت ” الي منهنجا ماروئڙا “ تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو پرومو پڻ جاري ڪيو ويو آهي. علي ظفر پاران سنڌي گيت ” الي منهنجا ماروئڙا “ جو  پرومو گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو. علي ظفر انسٽاگرام اڪائونٽ تي بلوچي راڳي عروج فاطمه سان گڏ اجرڪ پائي رقص ڪندي سنڌي گيت ” الي منهنجا ماروئڙا “ جي پرومو واري وڊيو شيئر ڪئي. وڊيو ڪيپشن ۾ علي ظفر لکيو آهي ته ”ليلا او ليلا“ جي ڪاميابي کانپوءِ هن ڀيري مان ۽ فاطمه ” الي منهنجا ماروئڙا “ سان واپس اچي رهيا آهيون. ان سان گڏ هن جيئي سنڌ، جيئي پاڪستان ۽ اجرڪ جي هيش ٽيگ جو به استعمال ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو