189

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 34 ڄڻا فوت، 2756 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 756 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 34 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 26 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 36 هزار 929 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 439، پنجاب ۾ 12 هزار 607، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 99، اسلام آباد ۾ 5 هزار 550، بلوچستان ۾ 854، گلگت بلتستان ۾ 306، آزاد ڪشمير ۾ 1 هزار 74 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 30 هزار 885 ٿي ويو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل 1 هزار 803 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 267 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 38 هزار 348 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 76 هزار 929 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 123، بلوچستان ۾ 16 هزار 810، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 542، اسلام آباد ۾ 27 هزار 18، خيبرپختونخواهه ۾ 44 هزار 599، پنجاب ۾ 1 لک 14 هزار 508 ۽ سنڌ ۾ 1 لک 63 هزار 329 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 7 هزار 696 آهي جن مان سنڌ ۾ 2 هزار 829 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 مريض اسپتالن ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، پنجاب ۾ 2 هزار 861 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 327 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 279 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 161 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 95 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو،  آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 144 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 52 لک 16 هزار 955 ٽيسٽس ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 763 اسپتالن ۾ 2 هزار 155 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو