غوثپور (ن سوڀ) غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد ڀرسان انڙپل وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت نصيران لولائي موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 4 عورتن سميت 5ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ مائي لڏڻ لولائي، مائي سوناري لولائي، مائي امام ذادي لولائي ، مائي موڙڻ لولائي ۽ نور حسن لولائي شامل آهن. پوليس ٽرالر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو آهي.
