310

هن ڀيري ڪنهن به صورت ۾ امتحان کانسواءِ ٻارڙن کي پروموٽ نه ڪيو ويندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته هن سال ڪنهن به صورت ۾ امتحانن کانسواءِ ٻارڙن کي ايندڙ ڪلاسن ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو. وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سعيد غني موقف ڏنو ته تجويز آهي ته سمورا تعليمي ادارا بند نه ڪيا وڃن، جيڪڏهن ايئن ڪرڻو آهي ته پرائمري اسڪولن جنهن ۾ انرولمينٽ 73 سيڪڙو آهي انهن کي بند ڪيو وڃي. هن اجلاس ۾ تجويز پيش ڪندي چيو ته ڪلاس 6 ۽ ان کان وڌيڪ وارن ڪلاسن کي جاري رکيو وڃي، جڏهن ته نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان مئي ۽ جون ۾ وٺڻ جو فيصلو نه ڪيو وڃي، ايندڙ صورتحال کي ڏسي بعد ۾ فيصلو ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته جيڪي اسڪول آن لائين تعليم ڏيڻ چاهين ٿا اهي آن لائين تعليم جاري رکن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو