216

22 ورهين جي نوجوان دنيا جي مضبوط ترين انسان وارو مقابلو کٽي ورتو

روس (ويب ڊيسڪ) روس جي 22 ورهين جي نوجوان سوين ڪلو وزن کڻي مضبوط ترين انسان جو مقابلو کٽي ورتو آهي. مقابلي ۾ سڄي ملڪ جي ايٿليٽس حصو ورتو، جڏهن ته مقابلو کٽڻ لاءِ هر رانديگر کي ڪار کڻي هلڻ، رسي سان وزني ٽرڪ کي 20 ميٽر تائين ڇڪڻ ۽ هڪ سئو ڪلوگرام وزني ٽائر کي کڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. روس جي اومسڪ شهر سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جي دمتري اسڪوسرسڪي ٽئي ٽاسڪ مڪمل ڪري ڪاميابي جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو