285

لاڙڪاڻي ۾ گهران نڪتل نوجوان 12 ڪلاڪن کانپوءِ بيھوشي واري حالت ۾ هٿ، اسپتال ۾ فوت

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد شاهه بهارو سبزي منڊي واري علائقي جي رهواسي 19 سالن جي پورهيت نوجوان اياز حسين پٽ عبدالڪريم لاشاري کي ڪڪڙن جي فارم تي بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي علائقي واسين وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو جن پهچي نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران نوجوان فوت ٿي ويو. ان موقعي تي پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان جي ماسات مجاهد علي لاشاري ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، گذريل رات دير سان اياز علي گهران ماني کائي پاڙي ۾ ڀٽن جي ڪڪڙن جي فارم تي ويو ۽ سڄي رات گهر ڪو نه آيو صبح جو پاڙيوارن کيس ڪڪڙن جي فارم ۾ بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي اسان کي اطلاع ڏنو جنهن تي پهچي اياز کي بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي اسپتال آندو جتي علاج دوران هو فوت ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو