216

پ پ کانسواءِ ڪابه پارٽي سنڌ جي عوام جي سياسي طور تي سڄڻ ناھي: عاجز ڌامراهه

رڪن ٻرڙا (ن سوڀ) وفاقي حڪومت جي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم پشاور جي تاريخي جلسي ثابت ڪيو آھي ته ملڪ جي  ٻين شھرن  جيان  پشاور جو عوام نااھل وزير اعظم عمران خان جي وڃڻ جون دعائون گهري رھيو آھي، اھڙو اظھار پ پ سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه ڄام ڳوٺ پهچي  پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي جي وفات تي ڄام شبير علي، ڄام ظھير علي، ڄام ذوالفقار علي،  ڄام ذيشان علي ۽ سردار  عثمان عالماڻي  سان  تعزيت  ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. عاجز ڌامراهه وڌيڪ  چيو ته  پ پ کانسواءِ ڪابه پارٽي سنڌ جي عوام جي سياسي طور تي سڄڻ ناھي،  عمران خان جي حڪومت عوام کان مهانگائي ذريعي جيئڻ جو حق کسيو آھي، وفاقي حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو