205

آرزو فاطمه عدالت ۾ پيش، وارثن ڏانهن وڃڻ کان انڪار، پوليس کي شفاف جاچ جو حڪم ٻيهر دارالامان حوالي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پنهنجو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيل ناري آرزو فاطمه کي عدالت 164 واري بيان کان پوءِ دارالامان موڪلي ڇڏيو آهي، آرزو فاطمه جي طرفان داخل ڪرايل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، آرزو فاطمه جي وڪيل جي عدالت کي  ٻڌايو ته منهنجي موڪلا  درخواست داخل ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي دارالامان انتظاميه ان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته هي اغوا جو ڪيس ناهي گهٽ عمر ۾ شادي جو ڪيس آهي، نڪائڻ ڪرائڻ واري قاضي  ۽ ٻين جوابدارن پنهنجي ضمانت ڪرائي ورتي آهي جڏهن ته ٻه جوابدار فرار آهن.  آرزو فاطمه جي وڪيل چيو ته ڪيس جو چالان ماتحت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اوهان خاموش رهو، هن ڪيس ۾ اوهان وڪيل نه آهيو. جنهن تي آرزو فاطمه جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، اسلامي قانون تحت فيصلو ٿيڻ گهرجي، جنهن جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان توهين عدالت ڪري رهيا آهيو، وڌيڪ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان خلاف ڪارروائي ٿيندي. عدالت آرزو جي داخل درخواست کي اُڪلائيندي پوليس کي شفاف چاج ڪري ماتحت عدالت کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ آرزو فاطمه کي ٻيهر دارالامان موڪلڻ جو چيو. عدالت سڳوري  ان سان گڏ آرزو کي تعليم ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جي  هدايت ڪندي گهرو کاتي کي آرزو جي ڪائونسلنگ لاءِ انتظام ڪرڻ  ۽ روزانو گهرو وزارت جي نمائندي کي آرزو سان هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪرڻ جو حڪم پڻ ڪيو. هوڏانهن قومي ميڊيا رپورٽ مطابق آرزو فاطمه کي ڪورونا جي ٽيسٽ پڻ پازيٽو آئي آهي. ?

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو