188

پنجاب حڪومت پاران دڪان شام 6 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو، واپارين پاران مخالفت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ اندر ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت 6 وڳي دڪان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق پنجاب حڪومت پاران دڪان شام 6 وڳي بند ڪرڻ وارو فيصلو ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي لاهور چيمبر آف ڪامرس دڪان شام 6 وڳي بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو