206

غيرقانوني ۽ غير انساني پابندين باوجود آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته غيرقانوني ۽ غير انساني پابندين باوجود اسان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا، عالمي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سعيد خطيب زادي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته آمريڪا سان مستقبل ۾ تعلقاتن جي حوالي سان ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، اسان آمريڪي ناانصافين جي باوجود ڳالهين جي دروازا بند ناهن ڪيا، ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ايران خلاف آمريڪا جي ڏوهن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر  هاڻي ماضي کي وساري روشن مستقبل طرفن ڏسڻ گهرجي، ان کي نظر ۾ رکندي صدر حسن روحاني آمريڪا جي  نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن سان ڳالهين جي شروعات جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوار جوبائيڊن به ايران سان ڳالهيون جو امڪان ظاهر ڪري چڪو  آهي  ايٽمي توانائي جي معاهدي تي آمريڪا هڪ طرفو علحدگي وارو ٽرمپ جو فيصلو  مناسب نه هو. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت واري دور ۾ ايران سان تعلق  ڇڪتاڻ وارا رهيا  هئا جنهن ۾ اضافو عالمي ائٽمين معاهدي سان علحدگي کان پوءِ ٿيو هو. k

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو