يروشلم (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بين يامين نيتن ياهو جي سعودي بادشاهه بن سلمان سان ڳجهي ملاقات جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ عالمي سطح جي مامرن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، پرڏيهي عالمي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٻنهي ڄڻن ۾ اها ملاقات غير اعلانيل دوري دوران ٿي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بين نيتن ياهو ۽ سعودي بادشاهه بن سلمان وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ دنيا جي صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ مختلف ملڪن سان تعلقاتن تي غور ويچار ڪيو ويو. عالمي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ملاقات دوراني اسرائيلي انٽيليجنس جو سربراهه پڻ موجود هو جڏهن ته اسرائيلي حڪومت جي ترجمان اهڙي ملاقات کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي.
