300

اياز صادق، خواجا سلمان رفيق ۽ ليگي اڳواڻن جي عبوري ضمانتن ۾ 30 نومبر تائين واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت سردار اياز صادق، خواجا سلمان رفيق، ليگي اڳواڻن ملڪ وحيد ۽ رانا احسان جي عبوري ضمانتن ۾ 30 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي روڪٿام واري عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر جي موڪل تي هجڻ جي ڪري ايڊمن جج ارشد حسين ڀٽه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي شنوائي تي سردار اياز صادق، خواجه سلمان رفيق سميت ٻيا ليگي اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي. عدالت ايندڙ شنوائي تي جاچ آفيسر کان جاچ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ليگي اڳواڻن خلاف 2018ع ۾ نواز شريف جي وطن واپسي تي غير قانوني طور ريلي ڪڍڻ ۽ هنگامي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو