192

گڏيل قومن جو ڏڪار ۽ بک کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي رقم مخصوص ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن سڄي دنيا ۾ غربت، بک ۽ ڏڪار جي شڪار ماڻهن لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي رقم مخصوص ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن جي ڪوآرڊينيشن مرڪز لاءِ گڏيل قومن جي آفيس دنيا ۾ بک کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ هنگامي فنڊ قائم ڪيو آهي جنهن ۾ 100 ملين ڊالر جي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ يو اين ايمرجنسي ريليف مرڪز ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل مارڪ لوڪاڪ ڪورونا وائرس جي وبا سبب ٿيندڙ معاشي بدحالي سبب سڀني کان وڌيڪ خطري جو شڪار ملڪن جي شهرين لاءِ خوراڪ يقيني بڻائڻ لاءِ ڄانايل رقم مخصوص ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 80 ملين ڊالر جي رقم افغانستان، برڪينافاسو، جمهوريا ڪانگو، نائيجيريا، ڏکڻ سوڊان ۽ يمن ۾ خرچ ڪئي ويندي. ان کان علاوه ايٿوپيا کي 20 ملين ڊالر جر رقم فراهم ڪئي ويندي، جيڪو سوڪهڙي سبب هڪ ڏکي صورتحال جو شڪار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو