166

سهولتون نه ڏيڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف شهباز شريف طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار شهباز شريف طرفان سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت ۾ سهولتون نه ڏيڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪندي درخواست گذار جي وڪيلن کي حتمي دليل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جج جوابد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي جي موقعي تي جيل سپرنٽينڊنٽ ۽ گهرو کاتي طرفان جواب جمع ڪرايو ويو. عدالت شهباز شريف جي فزيوٿراپي بابت درخواست تي سپرنٽينڊنٽ جيل، آءِ جي جيل ۽ گهرو کاتي کان ڪمينٽس طلب ڪيا هئا. درخواست گذار شهباز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته احتساب عدالت جيل ۾ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر عدالتي حڪمن باوجود جيل ۾ سهولتون اڃان تائين ناهن مليون ان ڪري استدعا ڪئي آهي ته جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري اعجاز اصغر خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو