164

وارهه ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو، سخت نعريبازي

وارھ (ن سوڀ) وارھ ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين پاران فاضل راهو چوڪ تي ڇيڻا ٻاري انوکو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي نياز حيدري، پ پ اڳواڻ بشير احمد چولياڻي، گلزار سنڌي، رئيس غفور سومرو، جيڪال ڪلهوڙو، بشير لطيفي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، گهر اندر ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور آھيون، ڇيڻن ۽ ڪاٺين جي دونهين تي عورتن جون اکيون ئي خراب ٿي ويون آھن، وارھ شهر اندازن 60 هزار آبادي رکندڙ آھي پر مسئلن جي ور چڙھيل آھي، چونڊيل نمائندا توڙي اعليٰ اختياريون مسئلن کان اڻڄاڻ آھن. هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ بند ڪري رهواسين کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو