گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ تازو ٿيل چونڊ نتيجا رد، تڪ 2 ۾ احتجاجي مظاهرا شروع، ڇڪتاڻ، گاڏين کي باهه، پوليس سان جهڙپون تفصيلي خبر موجب گلگت بلتستان ۾ تازو ٿيل چونڊن ۾ مبينه طور تي ڌانڌلين ۽ چونڊن نتيجن ۾ هيراڦيري خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اسيمبلي تڪ 2 جي ووٽرن طرفان احتجاجي مظاهرا شروع ڪرڻ سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن دوران مڇريل مظاهرو ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون، جنهن تي پوليس مظاهرو ڪندڙن تي لاٺي چارج شروع ڪري ڏني جنهن تي نامعلوم شرپسندن تي مختلف هنڌن تي سرڪاري گاڏين ۽ عمارتن سميت ٻين ٽائرن کي باهه ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته گلگت بلتستان جي تازين چونڊن ۾ دلچسپ مقابلو تڪ 2 تي ٿيو هو جتي پي ٽي آءِ اميدوار فتح الله خان پ پ پ جي اميدوار جميل احمد کان صرف ٻن ووٽن تي سوڀارو ٿيو هو، جنهن تي پ پ پ چونڊ نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پ پ پ جي احتجاج تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ پڻ تحريڪ انصاف جي اميدوار جي ڪاميابي ٿي هئي ، جنهن ۾ رٽرننگ آفيسر طرفان جاري ڪيل چونڊ نتيجن ۾ هن ڀيري پي ٽي آءِ اميدوار فتح الله خان 96 ووٽن جي برتري سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. �,7
