290

جوهي ۾ ميونسپل ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف ڌرڻو، معصوم ٻار وڪڻڻ جا هوڪا

جوهي(ن سوڀ) جوهي ۾ ميونسپل ملازمن پاران پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، وڏي تعداد ۾ ملازمن پنهنجا معصوم ٻچڙا ساڻ ڪري وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا. ميونسپل آفيس آڏو خميسو جمالي،  شمس الدين پنهور،  اشرف جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مظاهرين دانهيو آهي ته ميونسپل ملازمن کي ماهوار پگهار ناهي ملي جنهنڪري ٻچڙا فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، دوڪاندارن اوڌر ڏيڻ بند ڪري ڇڏي آهي. احتجاج ڪندڙ ملازمن موجب ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ٿيڻ  سبب سندن پگهار رولڙي جو شڪار آهي، ملازمن موجب اهي پنهنجا معصوم ٻچڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته معصومن جي بک برداشت نه ٿي ٿئي، ڪنهن سُکئي گهر ۾ ويندا ته ٻه ويلا ماني کائي سگهندا. ملازمن موجب  ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري کين فوري طور پگهار جاري ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اهي انتهائي قدم کڻندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو