اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اين آر او جي ڳولا ڪندڙ پي ڊي ايم اڳواڻ شهر شهر گهمي رهيا آهن، انهن جون جلسيون حڪومت جي لاءِ نه پر عوام جي جان ۽ روزگار جي لاءِ خطرو آهن پر سياسي مفاد پرستن کي ان جي ڪا پرواهه ۽ احساس نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ شڪست ۽ پشاور جي ناڪام جلسي کانپوءِ انهن کي پنهنجي سياسي ۽ اخلاقي حيثيت جو اندازو ٿي وڃڻ گهرجي، ڪالهه پي ڊي ايم اڳواڻن جي مايوسي ڏسڻ وٽان هئي.
166