اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، قانونسازي ۽ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ پارليامينٽ جو ڪردار اهم آهي، حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ کنيل وقت سر قدمن سان حالتون ضابطي ۾ آهن. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر ۽ لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي ويندي. اسد قيصر چيو ته سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ان صورتحال مان قوم کي ڪڍڻو آهي. مشتاق غني چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ جو ڪردار تمام اهم آهي، ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ڪردار انتهائي اهم آهي.
195