255

لاهور ۾ سي ٽي ڊي ٿاڻي تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ناڪام، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) برڪي روڊ تي واقع ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ٿاڻي تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻايو ويو آهي. نجي ٽي وي مطابق لاهور جي برڪي روڊ تي واقع ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ٿاڻي ۾ آپگهاتي حملي آور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران سڃاڻپ پڇڻ تي هن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ دهشتگرد مارجي ويو، مارجي ويل دهشتگرد وٽان آپگهاتي جيڪٽ، 2 دستي بم ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪيو ويو. ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي آپگهاتي جيڪٽ کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو