148

اڳوڻو نيول چيف ايڊمرل ريٽائرڊ فصيح بخاري 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو نيول چيف ايڊمرل ريٽائرڊ فصيح بخاري 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي،  ريٽائرڊ فصيح بخاري جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس گهرڀاتين  ڪندي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي چيف ايڊمرل رٽائرڊ فصيح بخاري جي جنازي نماز سڀاڻي سندس اباڻي ڳوٺ چڪ شهزاد ۾ ادا ڪئي ويندي، ياد رهي ته فصيح بخاري مئي 1997 کان آڪٽوبر 1999ع تائين پاڪستان نيوي جو سربراهه ۽ آڪٽوبر 2011ع کان مئي 2013ع تائين قومي احتساب بيورو نيب جو سربراهه به رهيو، فصيح بخاري 1942ع ۾ پيدا ٿيو، 1959ع کان 1999ع تائين نيوي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. =

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو