158

هاڻوڪي حڪومت اڃا به رهي ته ملڪ لاءِ خطرا وڌيڪ سنگين ٿي ويندا: احسن اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي حڪومت اڃا وڌيڪ رهي ته ملڪ لاءِ خطرا وڌيڪ سنگين ٿي ويندا. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين لاءِ رياستي وسيلن جو مقابلو ناممڪن هوندو آهي ، حڪومت چوي ٿي ته مخالف ڌر جي جلسن ۾ 2 هزار ماڻهو اچن ٿا، جيڪڏهن حڪومت جي ڳالهه مڃي وٺجي ته ايترن گهٽ ماڻهن سان ڪورونا ڪيئن پکڙجندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو، هاڻوڪي حڪومت اڃا به رهي ته ملڪ لاءِ خطرا وڌيڪ سنگين ٿي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو