249

سنڌصوبي ۾ ڪورونا جي بچاءَ لاءِ نئين ايس او پيز تيار، سئنيما گهر ن، مزارن ۽ شادي هالن تي پابندي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت نيون ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن جنهن تحت صوبي ۾ سئنيما گهرن، مزارن ۽ شادي هالن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪاروباري مرڪز صبح جو 5 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين کولي رکڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ ملازمن جو اڌ عملي کي رکڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ ڪورونا متعلق نين احتياتي تدبيرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، حڪومت جي اعلان مطابق گهرن ۾ شادي تقريبن تي به پابندي وڌي وئي آهي، جڏهن ته شادي هالن ۾ تقريب رات جو 9 وڳي تائين ختم ٿي ويندي، جتي صرف 200 مهمانن کي گهرائڻ جي اجازت هوندي ۽ کاڌو مهمانن کي پيڪيٽن ۾ ڏنو ويندو. &

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو