217

ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت جي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي واپارين سنڌ حڪومت جي تازو جوڙيل ڪورونا ايس  او پيز  تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن حڪومت طرفان صبح جو 6 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، بولٽن مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر جاويد قريشي جو چوڻ آهي ته ننڍا واپاري پهريان کان ئي پيسجي رهيا آهن مٿان وري ڪاروبار ڪرڻ جو وقت محدود ڪرڻ ظلم برابر آهي ان ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. واپارين جو اهو به چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ايس او پيز تي عمل نه ٿا ڪري سگهون جيڪڏهن ته مزاحمت ڪرڻي پئي ته تڏهن  به ڪنداسين.  ڇاڪاڻ ته 24 ڪلاڪن مان صرف 12 ڪلاڪ ڪاروبار کولڻ سراسر ناانصافي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو