236

سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت جي معطلي ۽ جبري موڪل تي روانو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

ڄامشورو: (ڊسٽرڪٽ رپورٽر)سنڌ حڪومت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت جي معطلي ۽ جبري موڪل تي روانو ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت جي معطلي خلاف ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي وڪيل طرفان داخل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جسٽس نديم اختر جي عدالت ۾  ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران فتح محمد برفت جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد رفيق ڪلهوڙو دليل ڏيندي عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وائيس چانسلر تي ڪرپشن جي الزامن تحت جيڪا جاچ ڪميٽي جوڙي آهي، اها غيرقانوني آهي، سندس چوڻ هو ته جاچ ڪميٽي ۾ عبدالقدير 20هين گريڊ ۽ غلام علي برهماڻي 19 هين گريڊ جو آهي، جڏهن ته وائيس چانسلر 22هين گريڊ جو آهي. هن ٻڌايو ته فتح محمد برفت کي هٽائڻ لاءِ نوٽيفيڪشن جاري ڪيا ويندا آهن ۽ وڏي وزير جي منظوري سان کيس معطل ڪيو ويو هو. ان موقعي تي  جسٽس نديم اختر سنڌ حڪومت جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي معطلي وارو نوٽيفڪيشن واپس ڪيو نه ته ان کي ڪالعدم قرار ڏبو، جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان برطرفي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڊاڪٽر فتح محمد برفت کي بحال ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر فتح محمد برفت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور بحال ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مون مٿان مڙهيل  ڪرپشن جا الزام ڪوڙا هئا، حق سچ جي فتح ٿي آهي، اڳ جيان اداري جي بهتري لاءِ ڪم جاري رکندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو