226

وزيراعظم زيادتي جي جوابدارن کي نامرد ڪرڻ واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان زيادتي جي جوابدارن کي نامرد ڪرڻ واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانوني ٽيم پاران ريپ آرڊيننس جو مسودو پيش ڪيو ويو. قانوني ٽيم آرڊيننس تي روشني وجهندي چيو ته عورتن لاءِ ٿاڻا، تڪڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ شاهدن جو تحفظ قانون جو بنيادي حصو هوندو، متاثر عورت يا ٻار بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجيون شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا، متاثر عورتن ۽ ٻارڙن جي سڃاڻپ جي تحفظ جو خيال رکيو ويندو. بريفنگ کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ وارين سفارشن جي اصولي منظوري ڏني، جڏهن ته هن قانون ۾ موت واري سزا کي شامل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان زيادتي جي ڏوهارين کي نامرد بڻائڻ واري قانون آڻڻ جي به اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشري کي محفوظ ماحول ڏيڻو پوندو، هي سنگين نوعيت وارو معاملو آهي، جنهن جي قانونسازي ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪنداسين، عوام جي تحفظ لاءِ واضح ۽ شفاف انداز ۾ قانونسازي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو