173

نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي گواهن جي بيانن  جي قلمبند ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محمد اختر ڪياني تي  ٻڌل ٻه رڪني بيچ العزيزيه ۽ ايوب فيلڊ ريفرنس ۾ سزا  خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي  فليڪ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف کي بريت جي خلاف نيب اپيل تي به ٻڌڻي ٿي، جڏهن ته ان عدالت ۾ نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ احستاب عدالت جي طرفان ٻڌايل سزا ۾ اضافي جي لاءِ نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي اشتهار ذريعي گهرايو ويو هو پر عدالتي حڪم باوجود نواز شريف پيش نه ٿيو، ٻئي طرف گهرو وزارت پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته نواز شريف ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ متعلق ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪندي چيو ته تسلي ڪرڻي آهي ته نواز شريف کي حڪم نامي بابت آگاهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو