194

ڪورونا وبا باوجود ديني مدرسا بند نه ڪنداسين: وفاق المدارس جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا قاري محمد حنيف جالنڌري اعلان ڪيو آهي ته ڪورونا وبا باوجود ديني مدرسا بند نه ڪنداسين. مولانا قاري محمد حنيف جالنڌري جامعه زبيريه پشاور جو دورو ڪيو ۽ مدرسي جي شاگردن سان ملاقات ڪئي. جنهن کانپوءِ هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جامعه زبيريه پشاور تي حملو سمورن مدرسن تي حملو آهي، وزيراعظم عمران خان کي پاڻ هتي اچڻ گهرجي ها، حڪومتي رويي جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا.  هن چيو ته ايس او پيز تحت مدرسا بند نه ٿيندا، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ وارو فيصلو وفاق المدارس سان صلاح مشورو ڪري نه ڪيو ويو، ڪورونا وبا باوجود ديني  مدرسا بند نه ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو