244

پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ پهچي وئي، 14 ڏينهن لاءِ آئسوليٽ

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) قومي اسڪواڊ آڪلينڊ کان اڏام ذريعي ڪرائسٽ چرچ پهچي ويو آهي، جتي هو هلمٽن هوٽل ۾ 14 ڏينهن آئسوليٽ هوندو. اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن ۽ اسپورٽس اسٽاف کي 4 مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، اسڪواڊ ۾ شامل سمورن ميمبرن جي پهرين ڪورونا ٽيسٽ 25 نومبر تي ٿيندي. پهرين ٽيسٽ رپورٽ منفي اچڻ جي صورت ۾ آئسوليشن جي شروعاتي ٽن ڏينهن کانپوءِ قومي اسڪواڊ کي کليل ماحول ۾ تربيت جي اجازت هوندي. نيوزيلينڊ حڪومت جي هدايت مطابق 14 ڏينهن آئسوليشن دوران قومي اسڪواڊ جا مجموعي طور 3 ٽيسٽ ڪيا ويندا. پهرين مرحلي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 18 ڊسمبر کان شروع ٿيندي، ٻن ٽيسٽ مئچن جي شروعات 26 ڊسمبر کان ٿيندي، پاڪستاني شاهين روحيل نذير جي قيادت ۾ مئچ کيڏندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو