لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ بورڊ جي پهرين عورت آزاد ڊائريڪٽر عاليه ظفر چيو آهي ته تاريخ جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪري رهي آهيان، پي سي بي جي گورننس کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس، مان سمجهان ٿي ته پي سي بي جي گورننس پهريان کان بهتر آهي ۽ ان کي اڃا به وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ آزاد ڊائريڪٽر جي مقرري اڃا وڌيڪ سٺو عمل آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر شعبي ۾ عورت جو هجڻ تمام ضروري آهي ۽ هاڻي هر شعبي ۾ عورتون اچي رهيون آهن انهن کان اڃا وڌيڪ خدمتون حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مان هن خطي جي پهرين عورت ڪرڪٽ ڊائريڪٽر آهيان يقينن منهنجي مقرري سان ٻين عورتن جي لاءِ اتساهه ڏيندڙ عمل هوندو، هن وڌيڪ چيو ته عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نه آهن، بورڊ جي امتحانن ۾ به ڇوڪريون پوزيشنون حاصل ڪن ٿيون، عاليه ظفر کي هي اعزاز حاصل آهي ته هو هيومن ريسورس جي ماهر آهي ۽ بينڪنگ سيڪٽر ۾ ايڇ آر جي سربراهه طور فرض سرانجام ڏئي رهي آهي.
275