188

افغان صوبي بلغ ۾ فوج جو هوائي حملو، 6 ويڙهاڪ مارجي ويا، 4 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اترئين صوبي بلغ ۾ افعان هوائي فوج جي طالبان ڪيمپ تي فضائي حملي ۾ 6 ويڙهاڪ مارجي ۽ 4 زخمي ٿي پيا. چيني خابرو اداري مطابق افغان فوج جي 209 شاهين فوجي اڏي طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو ته افغان ايئر فورس حساس اداري جي رپورٽ تي زري ضلعي ۾ فضائي حملي ۾ طالبان جي ڪيمپ کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ويڙهاڪ مارجي ۽ 4 زخمي ٿي پيا. ان حوالي سان طالبان هن وقت تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو