اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت نوجوانن لاءِ جلدي ويڊيو گيمز پروگرامنگ جي شروعات ڪري رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن توهان کي پڙهڻ ۾ دلچسپي ناهي ۽ فون تي ويڊيو گيمز سان دلچسپي آهي ته تياري رکو، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت ويڊيو گيمز پروگرامنگ جو خاص پروگرام آڻي رهي آهي. هن جو چوڻ آهي ته ان پروگرام کي آڻڻ جو مقصد آهي ته اسان 90 ارب ڊالر جي ان انڊسٽري جو حصو بڻجي سگهون. ايني ميشن ۽ ويڊيو گيمز سرٽيفيڪيشن پروگرام نوجوانن لاءِ گيم ئي نه گيم چينجر هوندا.
263