سرينگر (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي جي ڪشميرين کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس طرفان جاري ڪيل هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج بدترين رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت پنهنجي ظلم ۾ تيزي آندي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته والاريل علائقي ۾ گذريل سال 5 آگسٽ کان وٺي 31 آڪٽوبر 2020ع تائين 256 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. ڀارتي فوجين جنوري 1989 يعني آزادي جي جدوجهد جو موجوده مرحلو شروع ٿيڻ کان 31 آڪٽوبر 2020ع تائين علائقي ۾ 95 هزار 709 ڪشميرين کي شهيد ڪيو آهي. مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي ظالماڻا قدم کنيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت قتل، ظلم ۽ تشدد، جبري گمشدگين ۽ نظر بندين ذريعي ڪشميرين کي غلام بڻائڻ جي ڪوششن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. رپورٽ ۾ دنيا تي زور ڏنو ويو آهي ته هو رڳو تنبيهه کان اڳتي وڌي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت خلاف ڏوهن تي ڀارت خلاف سخت ڪاروائي ڪري.
