ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو انڪشاف ڪيو آهي ته بئنڪن جي قرض سميت سنڌ يونيورسٽي تي 15 سيپٽمبر 2020ع تائين مجموعي طور 71 ڪروڙ رپيا واجبات آهن، جن جي مد ۾ لکين رپيا وياج ادا ڪيو پيو وڃي، اداري کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان 50 ڪروڙ (500 ملين) ۽ صوبائي سرڪار کان هڪ ارب رپيا بيل آئوٽ پئڪيج ڏيڻ جي درخواست ڪري چڪا آهيون، گذريل چئن سالن دوران غلط پاليسين جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽي مڪمل طور مالي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وئي آهي. يونيورسٽي جي 58 اڪائونٽن ۾ هن وقت ڪل 20 لک رپيا موجود آهن. اهڙو اظهار هن هتي سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، ٽيچرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي سوٽا جي صدر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، سيڪريٽري ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، سنڌ يونيويرسٽي آفيسرز ايسوسيئيشن جو صدر انجنيئر سجاد حسين شاهه، سيڪريٽري منظور علي پنهور، سيوا صدر محمد علي گهانگهرو، سيڪريٽري ذوالفقار رستماڻي ۽ ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز، استاد، آفيسر ۽ ملازم وڏي انگ ۾ موجود هئا. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو پنهنجي بريفنگ ۾ بجيٽ، اڪائونٽن، خرچن ۽ آمدين جا تفصيل سمورن اسٽيڪ هولڊرن سامهون رکيا ۽ کين ايندڙ حڪمت علمي ۽ يونيورسٽي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. هن چيو ته 15 سيپٽمبر 2020ع تي چارج وٺندي ئي هن ڊائريڪٽر فنانس کان اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪيا، ڊي ايف پاران فراهم ڪيل لسٽ ڏسي حيرت ٿي ته آگسٽ 2019ع ۾ حبيب بئنڪ کان 20 ڪروڙ قرض ورتو ويو، جنهن جي مد ۾ اڄ تائين ماهوار 17 لک رپيا وياج ادا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آڪٽوبر 2019ع تائين رٽائر ٿيل ملازمن کي 9 ڪروڙ رپيا معاوضي جي مد ۾ به ادا نه ڪيا ويا، جنهن بعد جيڪي رٽائر ٿيا، انهن جي حقداري کي گڏائجي ته ان مد ۾ سنڌ يونيورسٽي تي مجموعي طور 15 ڪروڙ کان وڌيڪ جون بقايائون موجود آهن. هن چيو ته ملازمن جون ليو انڪيشمينٽ جي قسطن جي مد ۾ پوڻا 3 ڪروڙ رپيا بقايائون رهيل آهن ۽ بجلي جو بل سيپٽمبر 2020ع تي 2 ڪروڙ 30 لک رپيا آيو، جيڪو پڻ بعد ۾ ادا ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سيمسٽر سائيڊ جي ٿيل امتحانن جي ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ سوا 2 ڪروڙ رپيا رهيل آهن. 2019ع جي پري انٽري ٽيسٽ لاءِ اسٽيشنري فراهم ڪندڙ ڪمپنين جا هن وقت 2 ڪروڙ رپيا بقايائون رهيل آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته ملازمن جي پگهارن مان ماهوار گروپ انشورنس جي مد ۾ ڪٽجندڙ رقم آڪٽوبر 2019ع کان آڪٽوبر 2020ع تائين لاڳاپيل اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيا ۽ ان مد ۾ يونيورسٽي کي 9 ڪروڙ قرض ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته 2019ع ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ جي معاوضي جي مد ۾ ملازمن جا ڏيڍ ڪروڙ رپيا رهيل آهن. هن چيو ته مارچ 2020ع کان هائير ايجوڪيشن ڪميشن نيڊ بيسڊ اسڪالرشپ جي مد ۾ به ڏيڍ ڪروڙ رپيا يونيورسٽي تي واجبات آهن، اها رقم شاگردن کي ڏيڻ بجاءِ يونيورسٽيءَ ٻين مدن ۾ خرچ ڪئي هئي. هن چيو ته پرائيويٽ ٽرانسپورٽ فراهم ڪندڙ ٺيڪيدار جا 15 لک، ملازمن جي ميڊيڪل جي مد ۾ 50 لک ۽ سروس ۽ مرمت جي مد ۾ 34 لک رپيا رهيل آهن. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته ايم فل ٽيسٽ جي ملازمن جي معاوضي جي مد ۾ 23 لک رپيا، سالياني امتحانن جي معاوضي جي مد ۾ 23 لک، پينشن ڊفرنس جي مد ۾ 18 لک ۽ ڪتابن جي خريداري جي مد ۾ گذريل سال جا 10 لک رپيا ۽ اخبارن جي مد ۾ مارچ 2020ع تائين 10 لک رپيا رهيل آهن. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان سيپٽمبر 2020ع تائين ملازمن جي پگهارن مان هائوسنگ اسڪيم جي ڊولپمينٽ چارجز جي مد ۾ ڪٽجندڙ 41 ملين رپيا به لاڳاپيل اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿيا، جيڪا رقم پڻ سنڌ يونيورسٽي تي واجبات آهي. هن چيو ته سوٽا جي ميمبرشپ فيس جي مد ۾ ماهوار ڪٽجندڙ رقم به لاڳاپيل اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿي، جيڪا پڻ يونيورسٽي کي ادا ڪرڻيون آهن. هن چيو ته مجموعي طور يونيورسٽي هن وقت 71 ڪروڙ کان وڌيڪ جي قرضي آهي، جڏهن ته آمدني جا ذريعا ايم اي پريويس ۽ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ بيچلر پروگرام بند ڪرڻ سبب گهٽجي ويا آهن. هن چيو ته رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته 58 اڪائونٽسن ۾ 60 ڪروڙ رپيا هائوسنگ اسڪيم وارا ڏيکاري اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته يونيورسٽي ۾ مالي خسارو ڪونهي، جڏهن ته اربين رپيا مالي ذخيرو رکندڙ يونيورسٽي وٽ هن وقت ڪل 20 لک رپيا موجود آهن. هن چيو ته ميڊيڪل انشورنس هڪ ڪمپنيءَ کي 4 ڪروڙ کان وڌائي 9 ڪروڙ رپين تي هڪ سال لاءِ ڏنو ويو، جيڪو پڻ يونيورسٽي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو وڌيڪ چيو ته انشورنس واري سرشتي کي ختم ڪري پئنل تي اسپتالن طرف وڃي رهيا آهيون، جنهن لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اسپتالن سان ڳالهين ۾ رڌل آهي، ان جو مقصد ملازمن کي قرض وٺي علاج ڪرائڻ کان بچائڻ، خرچ گهٽائڻ ۽ يونيورسٽي کي مالي طور واپس سڌي دڳ تي آڻڻ آهي. هن چيو ته سروس اسٽڪچر ڪميٽي جون به ٻه گڏجاڻيون ٿيون آهن، 16 کان 17 گريڊ ۽ 17 کان مٿي گريڊ وارن ملازمن ۽ آفيسرن جا ڪيس ايندڙ سليڪشن بورڊ ۾ رکيا ويندا. هن چيو ته ٽائيم اسڪيل ڏيڻ وارو عمل به يونيورسٽي تي مالي بوجهه کانسواءِ ڪجهه نه هو. وقتي وي سي چيو ته جيڪڏهن اڳئين گريڊ ۾ سيٽون خالي پيل آهن ته اتي پروموشن ڪرڻ ضروري آهي ۽ هرو ڀرو ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت مالي سال 20-2021ع لاءِ سنڌ يونيورسٽي به پنهنجي ملازمن لاءِ انڪريمينٽ جو فيصلو ڪيو، پر في الحال فنڊ موجود ناهن، جنهن سبب وڌايل الائونس في الحال نٿا ڏئي سگهون. هن وڌيڪ چيو ته 11 مهينن کان يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ ٽيچرن کي ٽيليفون الائونس به ملي نه سگهيو، مالي حالتون بهتر ٿيندي ئي اها رقم جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته اهي بقايائون يونيورسٽي مٿان 71 ڪروڙ کان الڳ آهن، جيڪي ادا ڪرڻيون آهن. هن چيو ته وڏي وزير سان ملاقات رٿيل هئي پر سندس طبيعت بهتر نه ٿيڻ سبب ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي، جيڪڏهن ملاقات ٿئي ها ته گهڻا مسئلا حل ٿي وڃن ها. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي 50 ڪروڙ ۽ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب رپيا بيل آئوٽ پئڪيج ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، اميد ته مرڪز ۽ صوبائي حڪومت مان جلد محبت موٽ ملندي. هن چيو ته بيل آئوٽ پئڪيج کانسواءِ يونيورسٽي جو مالي طور پنهنجن پيرن تي بيهڻ ممڪن ناهي.
304