161

گلگت بلتستان چونڊن جي سرڪاري نتيجن جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري، پي ٽي آءِ کي 10سيٽن سان سرسي، آزاد اميدوار 7 سيٽون کڻي ٻئين نمبر تي اچي ويا

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي قانون ساز  اسيمبلي جي24 سيٽن تي ٿيل چونڊن جا سرڪاري طور تي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان راجا شهباز خان گلگت بلتستان جي 24 ئي سيٽن جي سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  مطابق 10 سيٽن تي پاڪستان تحريڪ انصاف، 7 سيٽن تي آزاد اميدوار، 3 سيٽن تي پ پ پ، ٻن سيٽن تي مسلم ليگ ن ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن، جڏهن ته هڪ هڪ سيٽ جي يو آءِ ۽ ايم ڊبليو ايم جي حصي ۾ آئي آهي،  اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان جي تڪ 2 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار فتح الله خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته گلگت بلتستاب جي قانون ساز اسيمبلي جي تڪ 2 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار کي  ٻن ووٽن تان هار ٿي هئي، جنهن خلاف پ پ پ طرفان احتجاج جو سلسلو پڻ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو