لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪاره صنم ماروي چيو آهي ته هوءَ پنهجي مداحن جو شڪريو ادا ڪري ٿي جن سندس صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان بابت پڇيو. هن فيس بڪ تي لائيو اسٽيٽس ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مسڪرائڻ سان ڪنهن به ڏک کي لڪائي سگهجي ٿو، ان لاءِ ماڻهو ان ڳالهه جو اندازو نٿا لڳائي سگهن ته ڪو شخص ڪيترو پريشان آهي. هن چيو ته پنهجي ٻارن جي خاطر پنهجي مڙس جي بدسلوڪي برداشت ڪئي ۽ هاڻي هوءَ شديد ڏک ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهي، ڇو ته هوءَ پنهجي پٽن کان پري آهي.
