133

ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت…!!

سرمد جتوئي

ڪورونا جي ٻي لهر دوران حڪومت پاران اعلانيل سمارٽ لاڪ ڊائون کي نظر ۾ رکندي انتطاميا پاران سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا سمارٽ لاڪ ڊائون کي موثر بڻائڻ لاءِ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي آهي، پر هتي هڪ شيءِ جيڪا ڏسڻ لاءِ ملي ٿي اُها اِها آهي ته پوليس کي ضلعي انتظاميا پاران جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، هو انهن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي ۽ پهريان دڪانن کي بند ڪرائي ٿي ۽ بعد ۾ انهن کي پاڻ ئي کولڻ جي اجازت ڏئي ٿي ڇڏي، جنهن سان ايس او پيز تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي دڪانن تي رش لڳل رهي ٿي، جنهن سبب ڪورونا جي ٽئين لهر اچڻ جو خطرو پڻ موجود آهي، هن وقت ضرورت ان جي ڳالهه آهي ته انتظاميا پاران پوليس کي ڏنل اختيارن تي مڪمل عمل ڪرائڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا وڃن ۽ انتظاميا پاران ڏنل ايس پي اوز جنهن ۾ ماسڪ جو استعمال، سينيٽائيزر جو استعمال، سماجي مفاصلي کي يقيني بڻائڻ ۽ بغير ڪنهن ڪم جي گهرن کان ٻاهر نه ڪرڻ شامل آهن، انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس کي گهرجي ته هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ته جيئن عوام کي هن وبا کان محفوظ بڻائي سگهجي، ساڳئي طرح عوام تي به اهو لازم آهي ته هو پنهنجو ۽ پنهنجي پيارن جو خيال رکي ۽ ڏنل ايس او پيز تي سختي  سان عمل ڪري ته جيئن وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو