142

ٿر ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ ۽ ڪورونا…..

سجاول بجير

ٿرپارڪر سنڌ جو سڀ کان پٺتي پيل خطو آهي، جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ڳوٺن ۾ اسپتالن جون خوبصورت عمارتون ته آهن پر علاج نٿو ملي، ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڏاهلي، ڇاڇر ۽ اسلام ڪوٽ سميت ٻين شهرن جون اسپتالون به مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن، اهڙي صورتحال کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪورونا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪئي ته ٿر ۾ ان کي منهن ڏيڻ جي طاقت نه آهي، ڇو ته سيءُ شروع ٿيندي ئي اسلام ڪوٽ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ به شروع ٿيا آهن، اڃا هڪ ڏينهن اڳ ئي هڪ نجي اسڪول جي ٻن شاگردن پرڪاش، امتياز، رميش ڀيل ۽ ڳوٺ جوڳي مڙهي ۾ اسپتال جي ڊاڪٽر چندر آر پاڳاراڻي جي ڪورونا پازيٽو اچي وئي آهي، جنهن بعد شهر ۾ متاثرن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي، ۽ سمورا مريض گهرن ۾ آئسوليٽ آهن، هوڏانهن مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ باوجود ڪٿي به ايس او پيز نظر نه پيو اچي.شهرن ۾ دڪانن تي واپاري بنا ماسڪ جي سامان وڪڻي رهيا آهن، ضلعي انتظاميا به اڳواٽ اپاءَ نه ورتا آهن، پوري ضلعي ۾ شادي تقريبن جي ڌم متل آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارڙن کي مفت ماسڪ نه ملڻ سبب اهي بنا ماسڪ جي اسڪول وڃن ٿا، ٿر واسين پاران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ احتياطي اُپاءُ وٺڻ لاءِ انتظاميا کي سجاڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي،رهواسين موجب ته انتظاميا کي گهرجي ته عوام کي ماسڪ پائڻ سميت سماجي وٿي تي عمل ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو