تاج ٽانوري/ميرپورماٿيلو
ضلعو گهوٽڪي جيڪو صنعتي ادارن ۽ ڪاروبار جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ شاهوڪار ضلعو سڏيو وڃي ٿو پر هن ضلعي جي عوام جو وڏو انگ غربت سبب پريشان حال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي جنهن جو واحد سبب صنعتي ادارن ۾ ڌارين جي لوڌ ڀرٿي ٿيل هجڻ ۽ مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب توڙي ٻين صوبن جي نااهل نوجوانن کي به صنعتي ادارن توڙي گيس فيلڊن ۾ مستقل ملازمت ڏئي ڌارين جي لوڌ کي ڀرٿي ڪيو ويو آهي ان ۾ مقامي سول سوسائٽي ۽ نوجوانن پاران ڪيترائي ڀيرا آواز اٿارڻ باوجود سالن کان اڃان سودو مقامي ماڻهن کي روزگار، تعليم ۽ صحت جون بهتر سهولتون نه مليون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ضلعي گهوٽڪي اندر وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو بک بيروزگاري سبب فاڪا ڪشي جو شڪار آهن، جنهنڪري هو پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ سڄو ڏينهن مزدوري يا ڪڙمت ڪن ٿا ۽ غربت سبب ڪيترن ئي ڪٽنبن جون نياڻيون جوان ٿيڻ باوجود سالن جا سال ويٺيون هونديون آهن، ڇو ته غريب والدين وٽ ڏاج جي صورت ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي هوندو، ان سلسلي ۾ ٻه ڏينهن اڳ ضلعي گهوٽڪي جي هيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو جي ڊگري ڪاليج ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرمين شائستا کوسو پاران 10 غريب خاندان جي نياڻين جنهن ۾ هڪ مسيح خاندان جي نياڻي به شامل هئي، اجتماعي شاديون ڪرائي في نياڻي کي ٻه لک جو ڏاج ڏنو ۽ پروقار تقريب ۾ وڏي شان شوڪت سان جوڙن جي رخصتي ڪرائڻ واري عمل کانپوءِ گهوٽڪي جي پوئتي پيل علائقن ۽ غريب خاندانن ۾ هڪ اميد جو ڪرڻو جاڳي پيو آهي، جڏهن ته اسٽيپ فائونڊيشن جي اجتماعي جوڙن واري تقريب ۾ ڳالهائيندي شائستا کوسو چيو ته سنڌ جي غريب ۽ به پهچ خاندان جون نياڻيون جن جون اڄ جي هن مهانگائي جي طوفان ۾ سندن والدين شاديون نٿا ڪرائي سگهن ۽ ڏاج جي سگهه نه هجڻ ڪري نياڻين کي ويهاري وڏي عمر ٿيڻ سان گڏوگڏ نياڻين لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۽ ٻين غلط ريتن رسمن تحت غريب نياڻين لاءِ مسئلن جا انبار ڏسندي آئون اجتماعي شاديون ڪرائڻ جي شروعات سکر کان ڪئي ۽ هن وقت تائين مختلف ضلعن ۾ تقريبن ساڍا پنج سئو غريب نياڻين جون اجتماعي شاديون ڪرائي چڪي آهيان جيڪي اولادي به ٿي چڪيون آهن، ضلعي گهوٽڪي ۾ اسٽيپ فائونڊيشن جي بهادر ۽ جفا ڪش منهنجي ڀائرن ۽ ميمبرن ۽ اسان جي هن فلاحي ڪم ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿي انسانيت جي ناتي سان اسان سان گڏجي جيڪو ڪم ڪيو آهي ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڪردار انهن ڀائرن جو آهي جن ۾ عبدالحنان ڪلوڙ ، افتخار احمد نائچ ، ڊاڪٽر ڪريم بخش پتافي ، شعيب قادر سميجو ، رئيس اسلم لغاري ، ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سيد مجاهد شاهه ، سردار گامڻ خان خشڪ ، زاهد حسين نائچ ، غالب ڪريم پتافي ، امجد حسين کوکر ، عثمان سومرو ، علي حيدر سيال ، مير مرتظي پتافي ، استاد صداقت علي پتافي ،وڏيرو حضور بخش کوکر ، مسز عارف مسيح ، غني غم دل منگي ، عبدالمجيد کوسو ، ولي محمد ڀيو ، باسط مهر ، عبدالوهاب ڀٽي ، محمد عيسيٰ ، محمد بچل پتافي ، ڪيلا خان پتافي ، صحافي تاج ٽانوري ۽ ٻيا شامل آهن،جڏهن ته اڄوڪي تقريب ۾ سکر ، شڪارپور ، خيرپور ميرس ، نوشهروفيروز ، دادو ، سانگهڙ ، لاڙڪاڻو ، جيڪب آباد ، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت 10 ضلعن مان اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن شرڪت ڪري نياڻين کي يقين ڏياريو آهي ته اسين سڀ توهان جا وارث آهيون، هن چيو ته غريب نياڻين جي شادي ڪرائڻ واري عمل سان مون کي ۽ منهنجي ڀائرن کي دلي سڪون مليو آهي ۽ اهڙا پروگرام هر ضلعي ۾ ڪرايا ويندا. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ غريب نياڻين کي اڳتي آڻڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي سندن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان بنا ڪنهن فرق جي انسانيت ناتي خدمت جي جذبي سان هي ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، سردار گامڻ خان خشڪ چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن چيئرمين شائسته کوسو ۽ سندس ٽيم کي جس هجي جنهن هن مهانگائي جي دور ۾ غريب خاندان جي نياڻين جي سار لهندي في جوڙي کي ٻه لک جو ڏاج ڏئي پر وقار تقريب ۾ باعزت طريقي سان شاديون ڪرائي انسانيت جي خدمت جو ثبوت ڏنو آهي اسين هر موڙ تي اسٽيپ فائونڊيشن سان گڏ آهيون ، ڊاڪٽر ڪريم بخش پتافي چيو ته شائسته کوسو جيڪو غريب نياڻين جي اجتماعي شادين جو سلسلو ۽ ٻين براين جي خلاف جهاد جي شروعات ڪئي آهي اسين سندس ان انسانيت واري جذبي ۾ ان جا ٻانهن ٻيلي ٿي هر موڙ تي اسٽيپ فائونڊيشن سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون، مشتاق احمد پتافي چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن شائسته کوسو سکر کان اجتماعي شادين جي شروعات ڪئي، ضلعي گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 10 غريب خاندان جون اجتماعي شاديون ڪرائي غريب نياڻين جون دعائون کٽي ورتيون آهن. زاهد حسين نائچ چيو ته 10 غريب جوڙن جون شاديون ڪرائڻ اڄ جي دور ۾ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، مجموعي طور 10 جوڙن جي ڏاج تي 20 لک رپيا خرچ ڪرڻ عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ صنعتي ادارن جي انتظاميا ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اسٽيپ فائونڊيشن جي اهڙي فلاحي ڪمن ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ڪرڻ گهرجي ، الڪريم پبلڪ اسڪول جي پرنسپال غالب ڪريم پتافي چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن شائستا کوسو نوجوان طبقي ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻ سان گڏوگڏ جيڪو انسان ۽ انسانيت جي خدمت جو جذبو کڻي جيڪي فلاحي ڪم شروع ڪيا آهن، اهو ساراهه لائق آهي ۽ گهوٽڪي ضلعي اندر اهڙا ٻيا پروگرام به ٿيڻ گهرجن، شعيب قادر سميجو ڳالهائيندي چيو ته شائستا کوسو هڪ غريب بي پهچ خاندانن جو آواز بڻيل آهي، پتافي ويلفيئر آرگنائيزيشن جي چيئرمين مير مرتضٰي پتافي ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائستا کوسو اڄ جي هن اجتماعي شادين جي پروگرام ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هڪ جدوجهد ذريعي تبديلي آڻي سگهجي ٿي غريب خاندان جيڪي هن مهانگائي جي دور ۾ ڏاج جي رقم جي سگهه نه هجڻ ڪري پنهنجي نياڻين کي سالن جا سال ويهاري ڇڏيندا هئا اڄ انهن جي وارثي ٿي آهي، اسين شائستا کي سرخ سلام پيش ڪندي يقين ٿا ڏياريون ته غريبن جي مدد، تعليم توڙي صحت سميت جاڳرتا مهم ۾ ساڻس گڏ آهيون، امجد علي کوکر چيو ته شائستا کوسو جي اڄوڪي نيڪ ڪم ۾ 10 ضلعن مان عورتون ۽ مرد شريڪ ٿيا آهن، اسين غريب نياڻين جا وارث آهيون. جڏهن ته وڏيرو حضور بخش کوکر ، مسز عارف مسيح ، پروين مسيح ، سيما مسيح ۽ ٻين پڻ سوڀ سان ويچار ونڊيندي چيو ته اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن اڄ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اسان وٽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي صرف انسانيت جي ناتي سان خدمت ڪئي وڃي ٿي اڄ 10 اجتماعي جوڙن ۾ هڪ مسيح غريب خاندان جي نياڻي جي پڻ شادي ٿي رهي آهي، اجتماعي شادي تقريب ۾ ڊاڪٽر ڪريم بخش پتافي ۽ سندس ساٿين غالب ڪريم ، رئيس اسلم لغاري، مشتاق احمد، ممتاز پتافي ۽ ٻين اعلان ڪيو ته اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن شائستا کوسو سان گڏوگڏ ڪابه تنظيم ضلعي گهوٽڪي جي پنجن تعلقن ۾ ڪٿي به ڪو فلاحي ڪم ڪندي ته اسين پنهنجا رضاڪار بنا ڪنهن معاوضي جي ڏينداسون، اجتماعي شادي تقريب ۾ ضلعي گهوٽڪي جي سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن سان گڏوگڏ اقليتي برادري به اسٽيپ فائونڊيشن جي تقريب کي غريبن جي خدمت ۽ انسان دوستي جو لقب ڏنو، هنن ڊي سي گهوٽڪي ، صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي ، پي ٽي آءِ ايم پي اي شهريار خان شر ، ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ، ايم اين اي محمد بخش خان مهر کان گهر ڪئي ته اسٽيپ فائونڊيشن وانگر ضلعي جي پٺتي پيل علائقن ۾ غريب ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي.