150

ڪورونا سبب بگڙجندڙ صورتحال ۽ نئين لھر جو خدشو…!!

نصير چنا

 ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لھر سبب صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب ٿي رھي آھي، ايس او پيز تي عمل نھ ٿيڻ ڪري سوين ڪيس ظاھر ٿي رھيا آھن، پر عوام اڃا تائين ڪورونا وائرس کي مذاق سمجھي سنجيدگي سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري اڃا بھ وڌيڪ تباھي جو خدشو موجود آھي، ايس او پيز تي عمل نھ ٿيڻ ڪري حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ٻيھر سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آھي، جنھن تحت ماسڪ پائڻ، سينيٽائيزر استعمال ڪرڻ، غير ضروري ٻاھر نه نڪرڻ ۽ عوامي ميڙاڪن تي پابندي پڻ لڳائي وئي آھي، پر مقامي  انتظاميا ان تي سختي ناهي ڪئي جنهن سبب اهڙو قدم فائديمند ثابت نه ٿيندو. گذريل ڏينھن پاڪستان ۾ عالمي وبا وڌيڪ 34 انساني جانيون کسي ورتيون، هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 756 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 7.46 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا تمام ڳڻتي جوڳي آھي پر عوام جي غيرسنجيدگي جي ڪري صورتحال بھتر ٿيڻ بدران اڃا بھ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي، صحت جي عالمي اداري بھ ٻي لھر لاءِ مناسب قدم نھ کڻڻ تي ٽئين لھر جو خطرو ظاھر ڪيو آھي، ڪورونا وائرس سبب پوليس ۽ عام ماڻھن سان گڏ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ سرڪاري ملازم پڻ سخت متاثر ٿي رهيا آھن، تعليمي ادارن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ وائرس کان بچاءِ لاءِ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود 26 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تعليم واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ تعليم وارن صوبائي وزيرن جو اجلاس پڻ ٿيو، اجلاس ۾تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي وڌندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي 26 نومبر کان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ سمورا ٽيوشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو تھ 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين تعليمي ادارا بند رکيا ويندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 11 جنوري تائين صورتحال بهتر ٿيڻ تي تعليمي ادارا ٻيهر کوليا ويندا، جتي آن لائن نظام آهي اهي آن لائن تعليم جو سلسلو جاري رکندا، جتي آن لائن نظام نه آهي اتي استاد هوم ورڪ ڏيندا، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سمورن امتحانن کي 15 جنوري تائين ملتوي پڻ ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن سنڌ يونيورسٽي جي ماروي گرلس ھاسٽل ۾ 11 شاگردياڻين کي وائرس جي تصديق بعد ھاسٽل کي سيل ڪيو ويو آھي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) تعليمي ادارن ۾ هڪ هفتي دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 82 سيڪڙو ھئڻ جي تصديق ڪئي آھي، بلوچستان ۾ ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 7.73، گلگت بلتستان 5.23، اسلام آباد 8.09، ڪي پي ڪي 9.85، سنڌ ۾ 9.63 ۽ پنجاب ۾ 3.95 سيڪڙو آهي، ٻن هفتن دوران ڪورونا جي نازڪ حالت وارن مريضن جي انگ ۾ ٻيڻ تي واڌ پڻ ٿي آهي، جئين ته ڪورونا وائرس ھڪ خطرناڪ عالمي وبا آھي جنھن جو هينئر تائين ڪو به علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي ۽ هن وقت صرف احتياط ئي ان جو علاج آهي، ان سان ئي ھن عالمي وبا کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي، حيدرآباد ۾ ماڻھن جي اڪثريت ڪورونا وبا کي افواھھ سمجھي رھي آھي، جنھن ڪري وائرس جي ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رھيو آھي، دڪانن، مارڪيٽن، ھوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرن تي پڻ ايس او پيز تي سختي سان عمل نھ ٿي رھيو آھي، ڪراچي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ڪيس حيدرآباد ۾ رپورٽ ٿيا آھن، حيدرآباد جي 6 يوسيز جي 17علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آھي، ڊي سي فواد غفار شھرين کي سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ کين گهرن مان غير ضروري طور ٻاهر نه نڪرڻ ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون دوران ايس او پيز تي عمل ڪندي ماسڪ جو استعمال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي، آئون سمجهان ٿو ته حڪومتي سطح تي ڪيترا به اعلان ڪيا وڃن انهن جي ڪاميابي جو دارومدار ۾ مقامي انتظاميا جي عمل واري نوعيت ۽ عوام جي سهڪار سان ئي واڳيل آهي، جيڪڏهن مقامي انتظاميا ۽ عوام سهڪار نه ڪيو ته اهڙا قدم بيڪار ويندا، ان ڪري ڪورونا وائرس کان بچاءَ، احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ۽ جاڳرتا مھم لاءِ سياسي سماجي تنظيمن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جون تنظيمون بھ وائرس کان بچاءَ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن تھ جيئن ھن عالمي وبا کي شڪست ڏئي سگھجي ۽ ڪورونا جي ٽئين لھر کان بھ محفوظ رھي سگھجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو