180

سنڌي ادب جو غازي نشتر ناٿن شاهي….

ذوالفقار گاڏهي

نشتر ناٿن شاهيءَ جو نالو سندس والد بالو خان لغاري غازي خان رکيو، غازي جنهن جي معني ئي آهي بهادر،  اهو بهادر جنگجُو جوڌو به ٿي سگهي ٿو ته نشتر جهڙو عام ۽ سٻاجھڙو انسان به، ان لاءِ جو نشتر هڪ شاعر هو ۽ شاعرن کان وڌيڪ سٻاجھڙا انسان توهان کي ڪٿي به نه ملندا ۽ سٻاجها ۽ ٻاجھارا ماڻهو ڪڏهن به بزدل ناهن ٿيندا. عام طور تي جنگجو صرف ماري ڄڻندا آهن پر شاعر اهڙا ويڙهاڪ آهن، جيڪي بچائيندا آهن، هڪڙا جنگجو سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن ۽ شاعر سرحدن جي نشاندهي ڪندا آهن، نشتر آڏو به دشمنن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، هڪرا انفرادي ۽ اجتماعي ٻئي سندس پويان آهن، هتي مان فرد واحد نه پر قوم جي حوالي سان پيو ڳالهايان، ڇو ته غازي هڪ طرف نه پر قوم جو استعارو آهي، هاڻ غازي کي چونڊ ڪرڻي آهي ته ڪهڙو دشمن سندس وڌيڪ نقصان ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ته اهو اجتماعي دشمني ئي ٿي سگهي ٿو، اهو دشمن آهي ڪير ۽ ڪٿان آيو آهي؟ ظاهر آهي اهو اسان مان ته ڪون آهي، اهو ٻاهران ئي ڪٿان آيو آهي، جيڪو اسان جي ساهه رڳ جهڙن مڙني وسيلن تي قابض ٿي ويهي رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي حرڪتن کان ڪڏهن به نه مڙندو، ڇو ته ان کي هٿيارن جو ڏڍ آهي پر هو ڀليل آهي اهو ڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي کيس اسان جا وسيلا واپس ڪرڻا پوندا، ان لاءِ جو اهي اسان جي زندگي ۽ موت سان ڳنڍيل آهن، تنهن ڪري جنگ ٿيندي ۽ اسان جنگ واري حالت ۾ ئي بيٺا آهيون، هڪ جنگ هٿيارن ذريعي وڙهي ويندي آهي ۽ ٻي جنگ قلم ذريعي، اسان وٽ هٿيار ڪو نه آهن، ان ڪري اسان پنهنجي جنگ قلم ذريعي وڙهي رهيا آهيون، جيڪا جنگ قلم سان وڙهي ويندي آهي اها ئي آخر ۾ سوڀ ماڻيندي آهي ۽ اهڙي جنگ شاعر ۽ اديب وڙهندا آهن، نشتر به ان ئي ميدان جو ملهه آهي، هو چوي ٿو ته

هن جي هٿ ۾ گولي آهي،

منهنجي هٿ گليلي آهي.

هي هيڻي کي طاقتور سان ويڙهائڻ جي تنبيهه آهي. هٿين خالي کي هٿيارن وارن سان ويڙهه لاءِ اڪسائڻ آهي. ۽ اهڙا منظر اسان روز ڏسون به ويٺا. اهو تاريخ اڳ به ڏسي چڪي آهي ته هڪ پاسي هاٿين وارا آهن ته ٻئي پاسي ابابيلن جون قطارون آهن. اڳ به بظاهر ننڍڙا پر ابابيل سوڀارا ٿيا هئا، بس اسان کي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪرڻو آهي. اهو پيغام اسان جي شاعرن ڏنو آهي. ۽ اهو فطري به آهي. ته جڏهن قومون گھري ننڊ ۾ هونديون آهن ته انهن جا سچيت ذهن، شاعر ۽ اديب جاڳندا آهن ۽ هو ان تسلسل کي ڳنڍيندا آهن، جيڪي ننڊ اکيون اکيون ڏسي ناهن سگھنديون. بعد ۾ اهي پنهنجي شاعرن ۽ اديبن کي سونهون بڻائي پنهنجي منزل جو تعين ڪنديون آهن.هي شاعر، اديب جيڪڏهن اها ڪرت نه ڪن ها ته اڄ اسان پنهنجي ماضيءَ کان ناآشنا هجون ها! ۽ ڪا به قوم پنهنجي ماضيءَ کان اکيون چورائي گھڻو وقت هلي نه ٿي سگھي.

شعر کي پرکڻ لاءِ اسان جي بزرگن ٻه ڪسوٽيون ٻڌايون آهن، هڪ فن ۽ ٻيو آهي فڪر، اسان جڏهن ڪنهن شعر کي پرکينداسين ته ان کي فن ۽ فڪر کان جدا ڪونه ڪنداسين. فڪر نظريو آهي، ڪنهن به ماڻهو جو ڪهڙو به نظريو ٿي سگھي ٿو، پرکيندڙ ان کي فن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندو ته هو ڪٿي کٽو ته ڪونهي ۽ جي فن ۾ ڪچو آهي ته شعر اهو ڪچو ليکيو ويندو. جيتري تائين فڪر آهي ته اهو هر ماڻهو جو پنهنجو نقطئه نظر آهي. ڪنهن جا خيال ترقي پسنداڻا آهن، ڪنهن جا روايتي، ڪو جديديت جي دڳ جو راهي آهي ته ڪو پراڻ پرست، هو ڪهڙي نقطئه نظر جو آهي، هن کي پنهنجي خيال کي صحيح نموني پوئڻ اچي ٿو؟ هن کي ان تي ڪيترو ملڪو آهي؟ شين کي ان طرح سان پرکبو آهي. ۽ ان طرح سان ئي پرکڻ وارو انصاف ڪري سگھي ٿو. سنڌي شاعري کي ٽن دورن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو، هڪ اساسي، ٻيو روايتي ۽ ٽيون جديد، شتر ٻئي دور جو شاعر آهي، روايتي شاعرن جيڪي شيون جتان آنديون اتان جا ئي استعاره، ڪنايا هنن پنهنجن اسمن م استعمال ۾ آندا ۽ جديد شاعرن ان عمل کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري نئين دور ۾ شموليت ڪئي.پر ڇا اسان پنهنجي روايتي دور جي شاعرن جي شاعري تان هٿ کڻي سگهون ٿا، منهنجي خيال ۾ نٿا کڻي سگهون، ڇو ته ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي ادبي تاريخ جي هڪ ڪڙي وڃائي ويهنداسين.ان ڪري اسان کي پنهنجي ادبي تاريخ سهيڙڻ لاءِ روايتي شاعرن کي پڙهڻو پوندو، سمجهڻو ۽ سهيڙڻو پوندو، اسان جي پراڻن شاعرن وٽ تشبيهون، تلميحون، ترڪيبون پراڻيون آهن، هر دور جون پنهنجون ضرورتون ۽ گهرجون آهن، اڄ انهن کان پاسو ڪجي ته بهتر آهي، شيخ اياز به شايد ان دور جي گھرجن کي مدِ نظر رکي اها راءِ ڏني هجي “مان وائي، آزاد نظم، قطعه ۽ غزل ۾زيرِ اضافت، همزه، اضافت، واو عطفي ۽ فارسي لفظن ۽ ترڪيبن جو محدود استعمال اعتراض جوڳو نه ٿو سمجھان (پيش لفظ ـ ڀونئر ڀري آڪاس- ص نمبر3 )۽ نشتر جي شاعريءَ ۾ به اهو ڪجهه آهي. جنهن کي شيخ اياز اعتراض جوڳو نه ٿو سمجهي. پر مان ڪوشش ڪندس ته اهي شيون اڀياس هيٺ آڻيان جيڪي فارسي ترڪيبن ۽ استعارن کان ڪنهن قدر ٻاهر هجن. هونءَ به نشتر جي شاعريءَ جي شروعات اساسي شاعري ذريعي ئي ٿي هئي. هن پهريان ڪافيون لکيون ۽ پوءِ عروضي شاعري ڏانهن آيو. نشتر نظم به لکيا آهن ۽ ڪنهن قدر آزاد به لکيا آهن، نه ته نشتر جنهن اسڪول آف ٿاٽ جو شاگرد آهي. اهي اهڙي قسم جا شعر ناهن چوندا. سندن هر شعر پاڻ ۾ قافين جي جڙاوت ۾ پوتل هوندا آهن ـ هي شايد جديد شاعرن جي اهل ڪرڻ جي شروعاتي ڪوشش هجي، پر نشتر اڳتي هلي نظم لکڻ به ڇڏي ڏنا هيا. هو رڳو غزل جو ٿي ويو هو. ڪنهن حد تائين قطعا، رباعي چئي وٺندو هو نه ته غزل ئي هن چيا آهن ۽ هن جي سڃاڻ به غزل ئي آهي، علي محمد مجروح جي راءِ هتي مان سائين نشترناٿن شاهي لاءِ ڪوٽ ڪندس  هن لکيو هو ته ”قيامِ پاڪستان کان پوءِ ناٿن شاهي شاعرن جو وڏو تعداد شعرو سخن جي ميدان ۾ طبع آزمائي ڪندو نظر اچي ٿو

نشتر ناٿن شاهي به انهن مان هڪ آهي. غزل سان گڏ گيت ۽ قطعا به لکيا اٿس. سندس غزل ۾ روايت جو رنگ نمايان آهي“( تنقيد ۽ تجزيو، ماهوار پيغام، ڪراچي ، اپريل 1979ع )

روايت جو رنگ ضرور آهي، پر اسان ايئن چئي پنهنجي روايتي شاعرن کان ڪٿي لاتعلقي ته ڪونه پيا ڪريون؟! ۽ ڪنهن حد تائين اسان انهن کان لاتعلق به ٿي ويا آهيون. نشتر ناٿن شاهي ورهاڱي کان اڳ جو شاعر آهي. 1945ع کان هو شاعري جي دڳ تي پنهنجا قدم چڱي طرح ڄمائي چڪو هو تڏهن نشتر سورنهن سالن جو ڳڀرو جوان هو. ۽ شايد نشتر کي احساس هو پنهنجي نظراندازيءَ جو تڏهن هن اهڙا ڏوراپي جھڙا شعر چيا.

وفا ڪيو ته سزائن جو انتظارڪيو

سخاڪيو ته گلائن جو انتظار ڪيو

هلي ٿو الٽو مروت جو سلسلو اڪثر

دعا ڏيو ته  دغائن جو  انتظار  ڪيو

 بهرحال اسان سائين نشتر جي گيت کي رد نه ٿا ڪريون. رد ڪرڻ جھڙو هجي ها ته هن کي اڀياس جو حصو نه بڻايون ها. هن ۾ هڪ پڪي پختي شاعرجو سهڻو ۽ سچو جذبو آهي. ۽ اهو جذبو ئي هن جي ڪاميابي آهي، ايئن هي فارسي لب لهجي باوجود هڪ سهڻي گيت جو قالب ڌاري ورتو آهي. جنهن کي اسان کي قبوليت ڏيڻي ئي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو