220

تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو..

ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس ۽ موت وڌڻ بعد وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 26 نومبر کان 10 جنوري تائين تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ صوبائي تعليم جي وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ڪيسن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته 26 نومبر کان اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ٽيوشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين تعليمي ادارا بند رکيا ويندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون ٿيندين، جنهن کان 11 جنوري کان تعليمي ادارا ٻيهر کولينداسين، هن چيو ته جتي آن لائن نظام آهي، اتي تعليم جو آن لائن سلسلو جاري رهندو ۽ جتي اهڙو نظام ناهي اتي استاد هوم ورڪ ڏيندا، جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون، هن چيو ته ڊسمبر ۾ٿيندڙ سمورن امتحانن کي 15 جنوري تائين ملتوي ڪيو ويو آهي پر انٽري ليول جا امتحان روٽين مطابق جاري رهندا ۽ انهن کي ايس او پي تحت ڪرائي سگهجي ٿو. جڏهن ته يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ پري پري کان ايندڙ محدود شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي.هن چيو ته تعليمي ادارن جي بندش جو فيصلو ديني مدرسن تي به لاڳو هوندو، ڇو ته ديني مدرسن جي ڳڻپ به تعليمي ادارن ۾ ئي ٿئي ٿي، هن چيو ته جنوري جي پهرئين هفتي ۾ رويو سيشن ٿيندو، جنهن ۾ بيماري جي صورتحال کي ڏٺو ويندو، هن چيو ته ووڪيشنل ادارن ۾ روزانو ڪلاس نٿا هلن، ان ڪري اهي هلندا رهندا، جڏهن ته سينيئر ميڊيڪلز جي ٽريننگ پڻ جاري رهندي. اسان سفارش ڪري رهيا آهيون ته بورڊن جا جيڪي امتحان مارچ يا اپريل ۾ ٿيڻا هئا اهي مئي يا جون ۾ ورتا وڃن جيئن ادارا کلڻ سان شاگرد ڪورس ورڪ مڪمل ڪن، اها به تجويز آهي ته نئون تعليمي سال اپريل بدران آگسٽ کان شروع ڪري گرمين جون موڪلون ختم ڪيون وڃن جيئن تعليم جي فرق کي ڪور ڪري سگهجي.ٻئي پاسي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته پرائمري سطح جا اسڪول ڀلي بند ٿيڻ گهرجن پر اسان جي تجويز آهي ته ڇهين ڪلاس کان ويندي ڪاليجن تائين جا ادارا پڙهائي جو عمل جاري رکن هن چيو ته هن ڀيري ڪجهه به ٿي پوي امتحانن کانسواءِ ٻارن کي اڳئين ڪلاس ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو، هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ صوبائي حڪومت جي حڪم بعد پوليس ۽ انتظاميا فوري طور تي حرڪت ۾ ايندي دڪان ۽ ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو ۽ هوٽلون به بند ڪرايون ويون پر ميڊيا رپورٽن مطابق قاسم آباد جي علائقي ۾ پوليس جي اهڙي عمل جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ وري دڪان ۽ هوٽلون مقامي پوليس وارن جي آشيرواد سان کوليون ويون.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن بابت تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو جيتوڻيڪ انتهائي ڏکيو فيصلو آهي پر جيڪڏهن اهو گڏيل صلاح سان ڪيو ويو آهي ته ان تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت ۽ تعليم واري وزير جي تجويز تي به غور ڪيو وڃي، ۽ ان حوالي سان متفقه فيصلو ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته اسان اهو به سمجهون ٿا ته ڪورونا جي ٻي لهر ۾ ميڊيا رپورٽن مطابق حيدرآباد ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس ٻڌايا پيا وڃن، ان ڪري حڪومت جي کنيل قدمن تي جيئن جو تيئن عمل ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان مقامي انتظاميا کي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيستائين مقامي انتظاميا بهتر قدم نه کڻندي تيستائين صوبائي حڪومت جا فيصلا عوام کي اهو لاڀ نه ڏئي سگهندا، هن وقت عوام، انتظاميا ۽ حڪومت جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي ڪورونا پکيڙ روڪڻ لاءِ هڪ پيج تي اچي ڪم ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو