217

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 59 ڄڻا فوت، 3 هزار نوان ڪيس ظاهر

اسلام اباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، وائرس سبب وڌيڪ 59 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 هزار 9 ماڻهن ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 59 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، نون انگن اکرن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 3 لک 82 هزار 892 ۽ فوت ٿيلن جو انگ 7 هزار 803 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو