نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوٽريس کي پيش ڪري ڇڏيا آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي نيويارڪ آفيس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوٽريس سان ملاقات ڪئي. رپورٽن مطابق منير اڪرم ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پيش ڪيا، جنهن کيس يقين ڏياريو ته هو رپورٽ تي غور ڪندو ۽ ان جو جائزو وٺندو. منير اڪرم ڏنل ثبوتن بابت انتونيوگوٽريس کي بريفنگ پڻ ڏني.منير اڪرم جو چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان اندر سرعام دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن.
200